رائل سئنيما

رائل سئنيما (لاڙڪاڻو): هيءَ سئنيما لاڙڪاڻي شهر ۾ 1932ع ۾ ٺهي. هن سئنيما ۾ ويهڻ لاءِ 600 سيٽون هيون. هن سئنيما جي فلم اسڪرين ٻين سئنيمائن کان ننڍي هئي، هال ۾ درن، درين ۽ گئلري ڪلاس جي مهاڙيءَ تي ڪاٺ جي سنڌي چٽسالي بهترين نموني سان اڪريل هئي. هن سئنيما ۾ سنڌي فلم ’محبوب مٺا‘ (1977ع) سميت ٻيون ڪيتريون فلمون هليون. هيءَ سئنيما 1992ع ۾ ڊاهي، ان جي جاءِ تي هوٽل قائم ڪيو ويو.


لفظ رائل سئنيماھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو